سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو

سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو

سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو

سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري صحافي ۽ اديب فقير محمد لاشاريءَ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ سندس نيپال جي سير سفر جو ذڪر شامل آهي. ليکڪ هي ڪتاب پنهنجي استاد محمد ابراهيم ميراڻيءَ کي ارپيو آهي. فقير محمد لاشاريءَ ’ليکڪ پاران‘ جي سري هيٺ لکيو آهي ته، ”نيپال ۾ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو، تنهن سان منهنجو اهو ويساهه پختو ٿيو آهي ته مظلوم انسانيت جو سچو اتحاد ٿيڻ، تاريخ جو اڻٽر فيصلو آهي. هن دنيا ۾ ظالم ۽ مظلوم فقط ٻه ڌريون آهن، ٽين ڪا ڌر ڪانهي. فرق رڳو اهو آهي ته ظلم ۽ مظلوميت جي شڪلين ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي.“ هن ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جو مهاڳ رئوف نظاماڻيءَ ۽ ٻئي ڇاپي جو مهاڳ ڪهاڻيڪار ۽ اديب سليم چنا (سينيئر) لکيو آهي.
ڪتاب جو پهريون ڇاپو، اپريل 1985ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ’انڊس پبلشرز‘ ڪراچي، 2004ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي فقير محمد لاشاريءَ ۽ سندس ڪتاب متعلق مهتاب اڪبر راشديءَ جو تاثر ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو